حڪيم حاجي نذير احمد شيخ

حڪيم حاجي نذير احمد شيخ

حڪيم حاجي نذير احمد شيخ

حڪيم حاجي نذير احمد شيخ: سنڌ جو مشهور حڪيم حاجي نذير احمد شيـخ ولـد حاجـي حـامـد علـي عرف ڦوٽو شيـخ، 25 جنوري 1943ع تي مٽياري شهر ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان 1961ع ۾ مٽياريءَ مان پاس ڪيائين. پڙهائيءَ بعد حڪمت ڪرڻ لڳو. 1968ع ۾ ڪراچيءَ مان پيٿالاجيءَ جو ڪورس ڪري سعيد آباد ۾ 20 سال حڪمت ڪيائين. هن پهريون ڀيرو ’بينظير ڦڪي‘ جي نالي سان هڪ دوا تيار ڪري مارڪيٽ ۾ آندي. 1984ع کان عبرت اخبار ۾ صحت جي موضوع تي مسلسل مضمون لکندو پيو اچي. 1992ع دوران اخبار ۾ حڪمت بابت سوالن جوابن جو سلسلو شروع ڪيائين، جيڪي سوال جواب ’حڪيم نذير احمد شيخ جا طبي مشورا‘ جي نالي سان عبرت گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1966ع ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. حڪيم صاحب 1988ع کان 1993ع تائين لاڳيتو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪلينڪ هلائيندو رهيو. لساني فسادن کان پوءِ ڪراچيءَ واري ڪلينڪ بند ڪري ڇڏيائين. سندس ٻه ڪتاب: (1) ’قدرتي جڙي بوٽيان اور قرآني دعائون ڪي ذريعي شفاء بخش علاج‘ ۽ (2) ’بيمارين جا سبب ۽ جديد علاج‘ (2004ع) ڇپيل آهن. سندس تجويز ڪيل نسخن جي بنياد تي ٺهيل يوناني دوائون ’اي. آر. ليبارٽريز‘ نالي هڪ دواساز اداري ذريعي سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ موڪليون وڃن ٿيون. حڪيم حاجي نذير احمد شيـخ 26 جون 2021ع تي وفات ڪئي


لفظ حڪيم حاجي نذير احمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.01.25  عيسوي

سنڌ جو مشهور حڪيم حاجي نذير احمد شيـخ ولـد حاجـي حـامـد علـي عرف ڦوٽو شيـخ، 25 جنوري 1943ع تي مٽياري شهر ۾ پيدا ٿيو.


2021.06.26  عيسوي

حڪيم حاجي نذير احمد شيـخ 26 جون 2021ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فائزه ايوب
ابو جعفر طوسي رح
رانڪ ميان فضل علي
شاهه محمد نابينا
سليم سرهندي
عبدالرحمان پيرزادو ميان
ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ
ادراڪي بيگلار
جارج برنارڊشا
باغ محمد بيشڪ جوکيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون